خواجه حسن جان

خواجه حسن جان: برصغير هند و پاڪ جي مشهور بزرگ، روحاني درويش، نقشبندي طريقي جي سرواڻ، حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ جي نائين پيڙهيءَ مان خواجه عبدالرحمان جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند هو. خواجه حسن جان صاحب پنهنجي والد بزرگوار کان سواءِ مُلان مير اعظم علي زئي ۽ مولوي لعل محمد مٽيارين واري کان ۽ مڪي پاڪ ۾ مدرسه صوليته ۾ مولانا رحمت الله مهاجر مڪيءَ وٽان تعليم حاصل ڪئي. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو عالم هو. ڪجهه عرصي لاءِ ٽکڙ شهر ۾ درس ۽ تدريس جو ڪم به ڪيائين. 1315هه/ 1898ع ۾ پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ پنهنجي درگاهه جو سجاده نشين ٿيو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جن مان ’انيس المريدين‘ فارسي زبان ۾ گھڻو مشهور آهي. خواجه صاحب 2 جون 1946ع تي وفات ڪئي. کيس ٽي فرزند خواجه عبدالله جان عرف شاهه آغا، آغا عبدالستار جان ۽ حافظ محمد هاشم جان سرهندي هئا.


لفظ خواجه حسن جانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو